تحريڪ انصاف وفد طرفان گڏيل قومن جي مبصر مشن کي ڪشمير بابت يادداشت پيش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وفد گڏيل قومن جي مبصر مشن سان ملاقات ڪري ڪشمير بابت يادداشت پيش ڪئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ سنگين انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد گڏيل قومن جي مبصر مشن سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ عامر ڪياني، افتخار دراني ۽ فيصل جاويد شامل هئا.

حڪومتي وفد طرفان ڪاري ڏينهن تي مبصر مشن کي خاص يادداشت پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارت طرفان نيلم وادي ۾ ڪلسٽر بمن جو استعمال کليل جارحيت آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو مقامي ماڻهن جي راءِ کانسواءِ نٿو ٿي سگهي.

گڏيل قومن جي مبصر مشن کي پيش ڪيل يادداشت ۾ چيو ويو ڪشمير عالمي سطح تي تڪراري علائقو تسليم ڪيو ويو آهي، ڀارت طرفان غير آئيني قدم ڪشمير جي عالمي حيثيت تبديل نٿو ڪري سگهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، ڀارت بنيادي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

يادداشت ۾ چيو ويو آهي ته والاريل وادي ۾ رتوڇاڻ جاري آهي، حريت قيادت کي نظربند ڪيو ويو آهي، قيد ڪيل ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي قانوني مدد فراهم نه پئي ڪئي وڃي، وادي ۾ ڪرفيو لڳائي ميڊيا تي به بدترين سينسر شپ لڳائي وئي آهي، وادي ۾ هڪ به اخبار ڇپجڻ تي مڪمل پابندي آهي.

مبصر مشن کي پيش ڪيل يادداشت ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومون ڪشميري عوام جي چُرپُر تي لاڳو پابندين جو نوٽيس وٺن ۽ سنگين انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، ڪشمير مسئلي کي سنيجده نه ورتو ويو ته خطي جو امن داءَ تي لڳي سگهي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.