رپورٽ : داد لغاري ۾ پورهيت پاران پوليس اهلڪارن جي ظلم خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ : داد لغاري ۾ پورهيت پاران پوليس اهلڪارن جي ظلم خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ : داد لغاري ۾ پورهيت پاران پوليس اهلڪارن جي ظلم خلاف احتجاج

 

داد لغاري ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پورهيت پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ڀورل لغاري جي رهواسي علي محمد پريس ڪلب پهچي داد لغاري پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هن الزام هنيو ته پوليس اھلڪار حفيظ ھڪڙو,قمر چاچڙ,ظفر چانڊيو,الياس لغاري ۽ عبيد شر بنا جواز کيس گرفتار ڪري رشوت گهري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته رشوت نه ڏيڻ تان واٽ ويندي کي کنڀي گم ڪرڻ بعد وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڦٽو ڪن ٿا

احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته هو هاڻي پوليس اهڪارن جي اهڙي رويي کان تنگ اچي چڪو آهي.

متاثر ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بدمست اهلڪارن خلاف نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن فوري طور تدارڪ نه ڪيو ويو ته هو پاڻ کي ساڙي آپگهات ڪندو جنهن جا ذميوار پوليس اهلڪار هوندا…………………

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.