ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ڪشمير مسئلي تي ٻيهر ٻڌڻي ڪڏهن ٿيندي….؟ اخبر اچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ آرٽيڪل 370 بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن کان پوءِ ٻيهر ٿيندي.

ڀارت جي هندو انتها پسند حڪومت 5 آگسٽ تي صدارتي حڪم نامي جي ذريعي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آئين جو آرٽيڪل 370 ختم ڪري والاريل ڪشمير ۽ لداخ کي يونين ۾ شامل ڪري ورتو هو.

پاڪستان ۽ چين ڀارت جي ان فيصلي کي گڏيل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت معاملو گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي جڏهن ته چين پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري به ڀارت جي غير آئيني قدم تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪا، برطانيا، جرمني ۽ آسٽريليا سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڀارتي قدم جي خلاف سخت مظاهرا به ڪيا ويا.

ڀارتي سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 370 جي خاتمي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو جي ڪري بدتر ٿيندڙ صورتحال جو نوٽيس وٺندي مودي سرڪاري کان ان حوالي سان وضاحت طلب ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.