ڪراچي وارا رهن تيار، موسميات کاتي جي اڳڪٿي

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته گجرات ۽ راجستان جي طرف کان نئون سسٽم ڪراچي طرف وڌي رهيو آهي.

سسٽم سبب شهر ۾ 15 آگسٽ تي ٻنپهرن جو هلڪي برسات جو امڪان آهي جيڪا 16 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهندي.

چيف ميٽرولوجسٽ جو چوڻ هو ته نئون سسٽم لوئر سنڌ کي وڌيڪ متاثر ڪندو. ياد رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان جاري رهندڙ برسات ڪراچي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي علائقن جا روڊ ۽ گهٽيون ٻوڏ جو منظر  پيش ڪري رهيا آهن.

ٻن هفتن دوران ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي ۽ غفلت سبب 33 ڄڻا موت جي ابدي ننڊ سمهي پيا آهن.  پر ان باوجود اداري جي خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي ڪراچي مان چونڊيل سمورن اسيمبلي ميمبرن کي عيد  جي ڏينهن پنهنجي حلقن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.