رپورٽ: ڄامشورو: آل يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جو اهم اجلاس

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: ڄامشورو: آل يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جو اهم اجلاس” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190807Jamshoro Pkg-12.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

ڄامشوري ۾ آل يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جو اجلاس فيڊريشن جي چيئرمين لالا رضا محمد دراني جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي 18 سرڪاري يونيورسٽين جي ملازم يونين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،

اجلاس  ۾ سمورين يونيورسٽين کي ملازمن سان درپيش مسئلن تي غور ويچار ڪندي انهن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان يونيورسٽي طرف ڌيان نه ڏيڻ ۽ انهن جي فنڊن مان ڪٽوتي ڪرڻ، ملازمن جي مسئلن کي حل نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو،

ان موقعي تي اڳواڻن رضا محمد دراني، محمد علي گهانگهرو ۽ نور محمد هليو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾  ملازمن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن جنهن ڪري ملازم سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته سوين ڪچن ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان يونيورسٽين ۾ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه ميڊيڪل الائونس، سن ڪوٽا ۽ ليو انڪيشمينٽ جا مسئلا  به حل نٿا ڪيا وڃن

سندن چوڻ هو ته هنن جا مسئلا حل نه ٿيا ته ملازم عيد الاضحي کان پوءِ پنهنجو چارٽر آف ڊمانڊ  سنڌ حڪومت وٽ پيش ڪندا جيڪڏهن عمل نه ڪيو ويو ته ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ملازمن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.