[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: تلهار: پوليس ڦر ڪيل ٽريڪٽر هٿ ڪري چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190803Talhar Pkg-09.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
تلهار ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل ٽريڪٽر هٿ ڪري چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڊي ايس پي گل حسن جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ پرويز جي زرعي فارم تي رات جو ڏوهاري هٿيارن جي زور تي چوڪيدار کي يرغمال بنائي اتي بيٺل روسي ٽريڪٽر ڪاهي فرار ٿي ويا ھئا.
هن چيو ته ايس ايس پي بدين طرفان جوڙيل ٽيم اطلاع تي شاهه طريل لڳ ڪارروائي ڪري احمد دين لاشاري، رفيق لاشاري، محمد بخش لنڊ ۽ يوسف لاشاري کي گرفتار ڪري وٽن ٽريڪٽر ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.
ان موقعي تي ٽريڪٽر مالڪ ملڪ پرويز بلو ڊي ايس پي بدين ۽ ايس ايڇ او تلھار کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا……………….