ڳاڙهو بصر بريسٽ ڪينسر کان بچائي ٿو

اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان تيزي سان پکڙجندڙ مرض بريسٽ ڪينسر کان بچڻ چاهيو ٿا؟ ته پوءِ بصر کائڻ کي لازمي جز بڻائي ڇڏيو. تازو ئي ڪيل هڪ تحقيق موجب ڳاڙهو بصر بريسٽ ڪينسر خلاف ڍال ثابت ٿي سگھي ٿو.

ڪينيڊا جي يونيورسٽي آف گويلف ۾ ڪيل تحقيق موجب ڳاڙهو بصر ڪينسرخلاف ڀرپور مزاحمت ڪري سگھي ٿو ۽ ڪينسر جي خلين کي پيدا ٿيڻ کان روڪيندو آهي.

تحقيق لاءِ ماهرن ڳاڙهن ۽ ٻين رنگن جي بصرن کي ڪينسر جي خلين جي سامهون رکيو، هنن ڏٺو ته ٻين رنگن جي بصرن جي ڀيٽ ۾ ڳاڙهن بصرن ڪينسر جي خلين تي ڀرپور وار ڪيو.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڳاڙهن بصرن ۾ موجود هڪ جز ڪوئسٽن ڪينسر ۽ دل جي مرض سميت ڪيترين ٻين بيمارين کان بچائيندو آهي. جڏهن  ته قوت مدافعت ۾ به واڌ ڪندو آهي.

بصر ۽ ٻين ڀاڄين ۾ موجود هڪ هڪ پگمنٽ اينٿو سائنن جيڪو ڀاڄين کي رنگ ڏيندو آهي، ڪوئسٽن جي اثر کي وڌائيندو آهي.

يعني بصر جو رنگ جيترو وڌيڪ ڳاڙهو هوندو، اوترو ئي ان ۾ اينٿو سائنن جو مقدار وڌيڪ هوندو ۽ اهو بصر ڪينسر خلاف اوتري ئي وڌيڪ ويڙهه ڪندو.

تحقيق موجب ڳاڙهو بصر ڪينسر جي خلين جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان رابطي کي ڪاٽيندو آهي جڏهن ته اهڙو ماحولي ٺاهيندو جنهن ۾ اهي وڌيڪ واڌ ويجهه ناهن ڪري سگھندا. ڳاڙهو بصر نه رڳو ڇاتي جي پر وڏي آنڊي جي ڪينسر سوڌو ٻين قسمن جي ڪينسر خلاف به اثرائتو ثابت ٿي سگھي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڳاڙهي بصر کان سواءِ ٻئي رنگ جي بصر ۾ به اينٽي آڪسيڊنٽس جيڪو وڏو مقدار ۽ ڪوئسٽن موجود هوندو آهي جيڪو ڪينسر سوڌو ٻين گھڻين بيماري کان تحفظ فراهم ڪري سگھي ٿو.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.