پي سي بي چيئرمين کي آءِ سي سيءَ وڏي ذميواري ڏئي ڇڏي….

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني 23 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ سي سي فنانشل اينڊ ڪمرشل افيئرز ڪميٽي جو سربراهه مقرر ٿي ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ موجب فنانشل اينڊ ڪمرشل افيئرز ڪميٽي آءِ سي سي جي مالي ۽ ڪمرشل معاملن تي نظر رکندي، سينيئر جنرل مئنيجر ليگل افيئرز سلمان نصير کي به آءِ سي سي سيف گارڊنگ پينل جو حصو بڻايو ويو آهي، ان پينل جو مقصد آءِ سي سي جي قانونن ۽ جڙيل سمورين ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ آهي.

خابرو اداري موجب ڪرڪيٽ جي عالمي باڊي طرفان جاري بيان موجب عهديدارن جي مقرري آءِ سي سي سالياني اجلاس دوران ڪئي وئي، بي سي سي آءِ جي اميتاڀ چوڌري، ڪرس نينزني، عمران خواجا، ايرل ايڊنگز ۽ ڪولن گريوز به ڪميٽي ۾ شامل آهن.

آءِ سي سي جي صدر ششانگ منوهر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو مانو سواهني اڳوڻي عهديدار ڪميٽي جو حصو هوندا، احسان ماني جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ اندرا نوئي آزاد ڊائريڪٽر طور شرڪت ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.