ڪراچيءَ ۾ ڪانگو وائرس الرٽ جاري…..

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪي ايم سي پنهنجي انتظام هيٺ اسپتالن ۾ ڪانگو وائرس ٽوڙ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ميٽرو پوليٽن طرفان عيد الاضحيٰ جي آمد کي نظر ۾ رکندي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪي ايم سي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪانگو وائرس جي شڪار مريض اسپتال اچڻ جي صورت ۾ خاص اختياط رکيو وڃي، مريض لاءِ اسپتال ۾ خاص وارڊ قائم ڪيو وڃي ۽ اسپتال ۾ ڪانگو وائرس جي حوالي سان بينر ۽ پوسٽر ذريعي آگاهي ڏني وڃي.

سينيئر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز جو چوڻ آهي ته ڪانگو جي بيماري جانورن کان انسان  ۾ منتقل ٿيندي آهي، ڪانگو جي علامتن ۾ جسم ۾ سخت سور، اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ،  اُلٽي ۽ بخار شامل آهن،

سينيئر ڊائريڪٽر هليٿ سروسز ماڻهن کي هدايت ڏيندي چيو آهي ته مال پڙين ۾ هلڪي رنگ ۽ کليل ڪپڙا پائي وڃو ۽ گڏوگڏ دستانن ۽ ماسڪ جو استعمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.