بهاولپور مان اڳوڻي ايم پي اي فوزيه ايوب جي گهر مان چار مڻ چرس هٿ

بهاولپور ( ويب ڊيسڪ ) اينٽي نارڪو ٽڪس فورس مسلم ليگ ن جي اڳوڻي ايم پي اي فوزيه ايوب قريشي جي گهر تي ڇاپو هڻي چار مڻ چرس هٿ ڪري سندس پٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي نارڪو ٽڪس فورس بهاولپور ۾ مسلم ليگ ن جي اڳوڻي ايم پي اي فوزيه ايوب قريشي جي گهر تي ڇاپو هنيو. ڪارروائي دوران گهر مان پنج مڻ چرس هٿ ڪيو ويو، اي اين ايف جي اهلڪارن فوزيه ايوب جي پٽ طيب ايوب کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف اينٽي نارڪو ٽڪس فورس بهاولپور مان ئي مسلم ليگ ن جي اڳوڻي صوبائي سيٽ جي اميدوار عديل اسلم کي به گرفتار ڪيو. اي اين ايف ٻنهي جوابدارن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.