روس ڪرڪيٽ کي راند مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس ڪرڪيٽ کي باضابطا راند مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

روسي ميڊيا موجب حڪومت مقبول راند ڪرڪيٽ جي مالي سپورٽ به نه ڪندي روس جي راندين واري وزارت موجب راندين جي نئين لسٽ ۾ڪرڪيٽ کي تسليم نه ڪيو ويو آهي.

اهو بيان انگلينڊ جي چيمپئن ٿيڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي، ان کان علاوه باڪسنگ سان هڪ جهڙائي رکندڙ موئي ٿائي راند کي به لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

روس ۾ 1970ع کان ڪرڪيٽ کيڏي وڃي ٿي، 2017 ع ۾ آءِ سي سي ان کي ائسوسيئٽ ميمبر شپ به ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.