طالبان سوئيڊش اداري جا صحت مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا

 

اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان وردڪ صوبي ۾ سوئيڊن جي امدادي گروپ سوئيڊش ڪميٽي فار افغانستان جا قائم صحت مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا آهن.

سوئيڊش ڪميٽي تصديق ڪئي آهي ته طالبان جي چوڻ تي ان صوبي جي 77 مان 42 سينٽر بند ڪيا ويا آهن.

ان ئي امدادي گروپ جي هڪ هيلٿ سينٽر تي گذريل هفتي دوران ڪيل هڪ حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

سوئيڊش تنظيم به ان حملي جي مذمت ڪئي هئي پر طالبان الزام مڙهيو هو ته اهو ادارو پنهنجي افغان ملازمن جي مناسب سلامتي ۾ ناڪام رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.