رپورٽ:بوزدار وڏا: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، علمي سرگرميون سخت متاثر

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: بوزدار وڏا: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، علمي سرگرميون سخت متاثر
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: بوزدار وڏا: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، علمي سرگرميون سخت متاثر

*بوزداروڏا شھر جي مين گورنمينٽ گرلز  پرائمري اسڪول   ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي جنهن ڪري عملي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن .

ٺيڪيدار ڪيتري ئي عرصي کان ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي،چئوديواري   نه هئڻ ڪري رولو ڪتن  اسڪول اندر ڊيرا ڄمائي ڇڏيا آهن.

سرڪاري اسڪول ۾ ٻارڙين جي حاضري ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيڻ لڳي آهي  اسڪول ۾ واش رومن ۾ استعمال لاء پاڻي نه   هجڻ ڪري استعمال جوڳا نه رهيا آھن

سولر سسٽم موجود هوندي به معمولي خرابي سبب  انتظاميه ڌيان ڏيڻ کان لاچار,بجلي واري پاڻي جي موٽري گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ناڪاره بڻيل هجڻ سبب اسڪول ۾ پوکيل وڻ ٽڻ گل ۽ ٻوٽا سڪي رهيا آهن

اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ليڊي ٽيچرز چيو ته  گونمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ۾ ڪا به سهولت موجود  ناهي نه بجلي جا پکا  واٽر ڪولر سميت  بجلي وارو موٽر گذريل ڪيتري عرصي کان خراب آهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته سندن اسڪول ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن  ته جئين عملي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهن ………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.