پاڪستاني پارليماني ڪرڪيٽ ٽيم برطانيا رواني….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اسيمبلي ميمبرن جي ڪرڪيٽ ٽيم پارليماني ورلڊ ڪپ ۾ سرڪت جي لاءِ برطانيا رواني ٿي وئي.

تفصيل موجب پاڪستاني پارليمنٽرينز ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي لاءِ برطانيا رواني ٿي وئي. پارليامينٽ ميمبر، ڪوچ ۽ ٻيا آفيشلز اسلام آباد کان برطانيا روانا ٿيا. ان حوالي سان علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ نه کٽي سگهي ته پارليمنٽيرينز ورلڊ ڪپ کٽڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.

ٽيم جي ڪوچ اياز اڪبر جو چوڻ آهي ته پارليمنٽرينز ورلڊ ڪپ ۾ بهتر نتيجن لاءِ پراميدآهيون، انهن جي فٽنس ۽ ٽيڪنيڪ کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو، ورلڊ ڪپ کان اڳ پريڪٽس ميچز ۾ حصو وٺنداسين. پارليامينٽ ميمبرن جي موجب تربيتي ڪيمپ ۾ سان پنهنجي ٽيڪنيڪي صلاحيتن کي بهتر بڻايو، سٺي ٽيم فٽ آهي، ورلڊ ڪپ ۾ سٺي پرفارمنس ڏسڻ لاءِ ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.