سمهندڙن جي ڪيٽيگري، اوهان جي ڳڻپ ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ ٿئي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هر شخص جي سمهڻ جو هڪ پيٽرن هوندو آهي ۽ هو پنهنجي زندگي کي انهي طريقيڪار جي حساب سان سيٽ ڪندو آهي. حقيقت ۾ سمهڻ جي  پيٽرن جو دارو مدار جسم جي اندر موجود حياتياتي گھڙي تي هوندو آهي ۽ انهي حساب سان ڪو شخص سمهندو ۽ جاڳندو آهي.

ماهرن موجب حياتياتي گھڙي کي ڊسٽرب ڪرڻ اوهان کي گھڻن مسئلن ۽ موت مار مرضن ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو.

اسان هن وقت تائين ٻن قسمن جي ماڻهن مان واقف هئاسين، هڪ عام طريقيڪار موجب سمورو ڏينهن ڪم ڪرڻ ۽ رات جو سمهڻ وارا جڏهن ته ٻئي قسم جا ماڻهو نائٽ اولز يعني ڏينهن جو سمهڻ ۽ رات جو جاڳي ڪم ڪندڙ آهن.

پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ جي حساب سان  ماڻهن کي ڪيترين ئي ڪيٽيگريز ۾ ويرهائي سگھجي ٿو. اهي ڪيٽيگريز ڏينهن جي خاص حصي ۾ سمهڻ يا جاڳڻ واريون هونديون آهن. اچو ته ڏسون ٿا ته اوهان جي ڳڻپ ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ ٿئي ٿي.

مارننگ لرڪ؛ هن ڪيٽيگري جا ماڻهو صبح جو 9 کان 11 وڳي تائين گھڻا چسپ هوندا آهن، ان کان علاوا باقي سمورو ڏينهن سست رهندا آهن.

آفٽر نونر؛ اهڙا ماڻهو صبح جو ۽ شام ٻنهي وقت سست ۽ گشي ۾ رهندا آهن پر صبح جو 11 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين گھڻا ايڪٽو هوندا آهن.

نيپر: اهڙا ماڻهو صبح جو چست ۽ ڦڙت هوندا آهن پر صبح جو 11 وڳي کان وٺي منجهند جو 3 وڳي تائين گشي ۾ رهندا آهن، ان کان پوءِ شام جو وري ڦڙٽ ٿي ويندا آهن.

نائيٽ اولز: اهڙا ماڻهو ڏينهن جي شروعات ۾ پاڻ کي گھڻو ٿڪيل ۽ گشي ۾ محسوس ڪندا آهن، هنن جو ڏينهن صبح جو 10 وڳي کان اڳ ناهي ٿيندو. پر اٿڻ کان پوءِ اهي سمورو ڏينهن الرٽ رهندا ۽ رات جو گھڻي دير تائين جاڳندا آهن.

سوئفٽس: اهڙا ماڻهو جنهن وقت اٿندا آهن ان وقت کان وٺي رات جو سمهڻ تائين الرٽ ۽ ڦڙٽ هوندا آهن ۽ ان دوران گشي يا ٿڪ محسوس ڪندا آهن.

وود ڪوڪس: اهڙا ماڻهو سمورو ڏينهن گشي ۽ ٿڪ محسوس ڪندا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.