رپورٽ: ميرو خان:  آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ميرو خان: آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: ميرو خان: آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف احتجاج

 

*ميرو خان م پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي گرفتاري ۽ عوام دشمن بجيٽ سبب وڌندڙ مھانگائي خلاف پيپلزپارٽي سٽي ميروخان جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

پ پ ڪارڪنن   مير مخدوم مگسي،  لياقت علي ابڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته نيازي سرڪار پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ نيب معرفت اسان جي بهادر قيادت خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي انتقامي ڪاروايون ڪرائي رهي آهي .

هنن چيو ته وفاقي سرڪار ملڪ ھلائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي ۽ پنھنجي ڪرپشن ۽ نااھلي کي لڪائڻ لاء  اسان جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ترت آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.