نيوزيلينڊ پاڻ سنڀالي ورتو، پاڪستان کي 238 رنسن جو هدف

 

برمنهگم (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ٽيم ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 238 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو.

برمنگهم ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 237 رنسون ٺاهيون.

رڳو 83 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ ڪولن ڊي گرينڊ هوم ۽ جيمز نيشن ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو.

ٻنهي وچ ۾ سئو رنسن کان وڌيڪ جي ڀائيواري قائم ٿي ۽ نيوزيلينڊ کي ڇهون نقصان 215 جي مجموعي اسڪور تي ٿيو، جتي گرينڊ هوم 64 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته نيشم 97 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيو.

ان کان اڳ نيوزيلينڊ جون وڪيٽون تڪڙي ڪرنديون رهيون ۽ اهو محسوس ٿيو ته ڪيوي ٽيم 2 سئو رنسون به نه ٺاهي سگهندي.

مارٽن گپٽل 5، ڪولن منرو 12، ڪپتان ڪين وليمسن 41، روز ٽيلر 3 ۽ ٽام ليٿم هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد عامر ۽ شاداب خان جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.