متحده کي وڌيڪ وزارت،ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ پئڪيج،بليڪ ميل نه ٿيندو آهيان : وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان ڪابينا ميمبرن کي بجيٽ منظوري جي ٽينشن نه وٺڻ ۽ اپوزيشن جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت اپوزيشن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم سمورن وزيرن کي اپوزيشن جي ٻولي ۾ ئي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪابينا ميمبر بجيٽ منظوري جي ٽينشن نه کڻن، بجيٽ اسان منظور ڪرائي وٺنداسين.وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ميمبر ڪنهن بليڪ ميلنگ ۾ نه اچن، اپوزيشن اوهان کي ڪنهن جاءِ تي ڳالهائڻ نه ٿي ڏئي ته اوهان به نه ڳالهائڻ ڏيو، پنهنجي موقف تان ڪنهن صورت پوئتي نه هٽو، اسيمبلي سان گڏ ميڊيا تي به پنهنجي بيانئي تي قائم رهو ۽ ڀرپور جواب ڏيو.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هوته جيڪڏهن اپوزيشن احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته 100 ڀيرا ڪري پر عوام جي زندگي ۾ خلل وڌو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

 اسلام آباد( م ڊ) حڪومت ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ وزارت ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آهي. وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب متحدهه کي وزارت سميت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئرن کي پئڪيج ڏنو ويندو.  وزيراعظم چيو ته ميئرن کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.