رپورٽ: ٺارو شاهه: عدالتي حڪم تي پوليس ڪارروائي نه ڪئي، ڳوٺاڻا ننڌڻڪا ٿي ويا

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٺارو شاهه: عدالتي حڪم تي پوليس ڪارروائي نه ڪئي، ڳوٺاڻا ننڌڻڪا ٿي ويا
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٺارو شاهه: عدالتي حڪم تي پوليس ڪارروائي نه ڪئي، ڳوٺاڻا ننڌڻڪا ٿي ويا

 

ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ ڀورٽي ۾ 10 ڏينهن اڳ سرڪاري ڀڏي تي ويٺل ڳوٺاڻن کي بااثرن پاران گهر ڊاهي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ جو ايڊيشنل سيشن جج  نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڳوٺاڻن خادم ۽ منظور پنهور پريس ڪلب تي دانهيندي چيو ته ڳوٺ جا وڏيرا  رميز،  راجا ۽ فدا حسين ڀرٽ سرڪاري ڀڏي تان اٿارڻ لاء اسان مٿان تشدد ڪري گهرن کي باهيون ڏئي اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن

هنن چيو ته اسان اهڙي درخواست ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز کي ڏني، جنهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

متاثرن گهر ڪئي توهين عدالت جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.