”انسانيت لاءِ آواز اٿاريو، سوڊان لاءِ خاموشي ٽوڙيو“

 ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) هن وقت سوشل ميڊيا تي واهپيدار نيري رنگ جي ڊسپلي تصوير هڻي سوڊان ۾ جاري بربريت خلاف ايڪي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستاني اداڪارا هانيه عامر به متاثر ماڻهن جي مدد ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي درخواست ڪئي آهي.

 

اداڪارا هانيه عامر گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي ڊسپلي تصوير تبديل ڪئي جنهن ۾ نيري رنگ جي وچ ۾ هڪ سوڊاني عورت کي ڏسي سگهجي ٿو جيڪا سوڊان جو جهنڊو کنيو بيٺي آهي، هن ڊي پي سان گڏ ان تصوير جي پوسٽ به شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ لکي ٿي ته، اتي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي ۽ زيادتي ڪئي پئي وڃي، سوين ماڻهن کي مسجدن ۾ ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

 

اداڪارا لکيو ته 50 ماڻهن کي ماريو ويو ۽ 700 ڄڻا زخمي آهن جڏهن ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪري کين نيل درياهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي.

 

هن سوڊاني عسڪريت پسندن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهو به ٻڌايو ته فوج طرفان ميڊيا ڪيورج به بند ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪو به اهو ڄاڻي نه سگهي ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪو به پنهنجي مدد لاءِ ڪنهن کي سڏي نه سگهي.  

 

هانيه عامر مداحن کان گذارش ڪندي چيو ته اهو نه سوچو ته اسان جا ماڻهو ناهن ته اسان ڇا ڪيون، اسان سڀ انسان آهيون ۽ بري وقت جي خبر ناهي هوندي.

 

هن سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جو حوالو ڏيندي لکيو ته جيستائين ٻڌائي سگهو ٿا، ظلم ۽ زيادتي بابت ٻڌايو ۽ مدد ڪريو.

 

هانيه عامر آخر ۾ هڪ طريقيڪار به ٻڌايو جنهن تحت متاثر ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي ٿي، ان ۾ هن يونيسيف آمريڪا، سيف دي چلڊرن ۽ گوٽو چئنج تنظيم جي ويب سائيٽن جي نشاندهي ڪئي جنهن تحت متاثر ماڻهن کي دوائن ۽ کائڻ پيئڻ وارن شين جي فراهمي ڪري سگهجي ٿي.  

 

 

هن گڏيل قومن کي ان مسئلي تي نظر ثاني ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي، اداڪارا متاثرن لاءِ فنڊن جي اپيل به ڪئي ۽ چيو ته آئون ان لاءِ لنڪس ۽ اسڪرين شاٽ اسٽوري ۾ پوسٽ ڪنديس.

 

هانيه عامر سڀني کي گذارش ڪندي چيو ته انسانيت لاءِ آواز اٿاريو، سوڊان لاءِ خاموشي ٽوڙيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.