حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) حيدرآباد سيشن ڪورٽ ٻاهران هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ۽ ايس ايس پي آفيس ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن معشوق علي ۽ علي محمد حاجاڻو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سجاول علي زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس ۽ وارثن لاشن ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
زخمي سجاول جو چوڻ آهي ته صبح جو سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ هو آيل هئا.
هن چيو تھ پراڻي دشمني واري ڪيس ۾ ڪورٽ آياسين ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه ڀائر معشوق علي ۽ علي محمد قتل ٿي ويا.
سندس چوڻ هو تھ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل پراڻي جهيڙي سبب هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.