”رات جو ٽي وي تي 80 سيڪڙو مواد ضابطن جي ڀڃڪڙي هوندو آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته رات جو ٽي وي 80 سيڪڙو مواد ضابطن جي ڀڃڪڙي هوندو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق پي ٽي ايم ۽ گلالئي اسماعيل جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ڪوريج تي پابندي لاءِ ڪرنل رٽائرڊ جاويد اقبال جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ڊي جي انٽرنيٽ پروٽوڪول پي ٽي اي انصار احمد عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته ٻاهرين ملڪن جي سوشل ميڊيا ٽولز تي محفوظ ويب سائيٽن کي پاڪستان مان بند نٿو ڪري سگهجي.

جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته پيمرا جيڪڏهن پنهنجي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل ڪرائڻ شروع ڪري ته مسئلا حل ٿي ويندا، انٽرنيٽ سڀ ڪو ته استعمال ناهي ڪندو پر ٽي وي تي هر ماڻهو ڏسندو آهي، رات 8 کان 12 وڳي تائين ٽي وي تي هلندڙ 80 سيڪڙو مواد ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي هوندو آهي، ضابطه اخلاق ۾ لکيل آهي ته رياستي ادارن خلاف نٿو ڳالهائي سگهجي، ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي ڪو تبصرو نٿو ڪري سگهجي، اها ڪنهن هڪ اداري يا فرد جي ڳالهه ناهي پر اهو عوامي مفاد جو ڪيس آهي.

عدالت ڊي جي آپريشنز پيمرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.