ڀارتي بورڊ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني لاءِ حڪومت کان اجازت گهري ورتي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني لاءِ پنهنجي حڪومت کان اجازت گهري ورتي.

ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي هڪ رپورٽ موجب ڀارت کي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ون ڊي سيريز جي ميزباني ڪرڻي آهي جنهن لاءِ بورڊ پنهنجي حڪومت کان اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.

پاڪ ڀارت وومين ڪرڪيٽ ٽيمن جي سيريز جولائي کان نومبر جي وچ ڌاري ٿيڻي آهي ۽ اها سيريز آءِ سي سي وومين چيمپئين شپ جو حصو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سيريز وومين ورلڊ ڪپ 2021ع جي ڪواليفائرن جو به فيصلو ڪندي، جيڪڏهن به ڀارت طرفان سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو ويو ته پوءِ پاڪستان کي سڌي ريت پوائنٽون ملي وينديون.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي مينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ به 6 سالن کان ٻه طرفي سيريز نه ٿي سگهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.