رياستي ادارن خلاف ڳالهائڻ تي منظور پشتين، محسن داوڙ ۽ علي وزير کي ٻيهر نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪ فوج سميت ٻين رياستي ادارن خلاف زهر اوڇاڙڻ جي ڪيس ۾ جواب طلبي لاءِ گهرو سيڪريٽري، بچاءَ، قانون واري سيڪريٽري، پيمرا ۽ پي ٽي اي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي منظور پشتين، محسن داوڙ ۽ علي وزير کان ٻيهر لکت جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق رياستي ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊي جي انٽرنيٽ پروٽوڪول پي ٽي اي کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. بئريسٽر شعيب رزاق  پي ٽي ايم تي پابندي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي عدالت کي اپيل ڪئي. وڪيل چيو ته پي ٽي ايم اڳواڻ گلالئي اسماعيل، محسن داوڙ، علي وزير ۽ منظور پشتين جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، پي ٽي ايم رجسٽرڊ سياسي پارٽي ناهي، پابندي لڳائي وڃي. بئريسٽر شعيب رزاق چيو ته پيمرا پي ٽي ايم جي ڪوريج بابت پنهنجي قانونن تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي، پي ٽي ايم جي پرنٽ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوريج تي پابندي لڳائي وڃي. عدالت چيو ته پيمرا چيئرمين ذميوار آفيسر کي عدالتي مدد لاءِ مقرر ڪري ڇڏي جنهن بعد وڌيڪ ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.