ڪراچي ۾پوليس جون ڪارروايون، 25 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 25 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو. بهادرآباد پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن ڪندي ايم ڪيو ايم جي عورت ڪائونسلر سميت 15 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،گرفتار جوابدار ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي آئيس، هيرون ۽ ٻئي منشيات وڪرو ڪندا آهن. گرفتار جوابدارن ۾ شهناز، آصف ميمڻ، جاويد، خدا بخش، عارف بلوچ، عبدالرزاق پٺاڻ، ذيشان ڪچي، عثمان رزاق ۽ آصف شامل آهن. جوابدارن جو گروپ 20 ماڻهن تي مشتمل آهي. شهناز نالي عورت نارٿ ناظم آباد يوسي 21 مان ڪائونسلر آهي.

ايم ڪيو ايم جي عورت ڪائونسلر پاڻ به آئيس نشي جي عادي آهي. ڪلري پوليس لياري مان ڦورو محمود عرف پنجابي کي هٿيارن سميت گرفتر ڪري ورتو. سرجاڻي ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي گهر مان ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٽن جوابدارن غلام عباس ارمان ۽ حسن کي گرفتار ڪري ٻه پسٽل، ڦر ڪيل رقم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، گلشن اقبال ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ  جوابدار انور رضا پٽ رضا زخمي حالت ۾ گرفتار هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ، سر سيد پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. بهادر آباد پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرمنل جوابدار جنيد کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.