وزيراعظم او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان 31 هين مئي تي مڪي شريف ۾ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي چوڏهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، سربراهي اجلاس کان پهريان اڄ پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيندو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم عمران خان اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي چوڏهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، سربراهي اجلاس 31 مئي تي مڪي شريف ۾ منعقد ٿي رهيو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب ۾ اتحاد ۽ پيش ايندڙ چئلينجن تي روشني وجهندو، وزيراعظم عمران خان اسلامي دنيا جي گڏيل مقصدن ۽ مسئلن ۽ ڪشمير ۽ فلسطين معاملي تي به ڳالهائيندو.

سربراهي اجلاس کان اڳ اڄ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.