وزير اعظم کي مائنس ڪرڻ جا خواهشمند پاڻ مائنس……

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزير اعظم کي مائنس ڪرڻ جا خواهشمند پاڻ مائنس ٿي ويا.

اهڙن خيالن جو اظهرا هن ن ليگي اڳواڻ خواجا آصف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي ڪيو. فردوس عاشق چيو ته حڪومت اڻ چونڊيل ماڻهن سان هلائڻ وارن کي چونڊيل ماڻهن جي ياد اچي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته مائرن، ڀينرن تي گند اڇلائيندڙ ڪيئن عيب پوشي جو درس ڏئي رهيا آهن، وزير اعظم کي نيب چيئرمين جي معاملي ۾ ملوث ڪرڻ هڪ ڪريل حرڪت آهي.

خيال رهي ته اڄ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف ايوان ۾ تقرير ڪندي نيب چيئرمين اسڪينڊل تي وزير اعظم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

خاص مددگار مريم نواز جي ٽوئيٽ کي به ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان تي تنقيد ڪئي وئي هئي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته الزام لڳائڻ سان ڪرپشن ناهي لڪندي، توهان جي پيءُ جيڪڏهن گاڏين جا مزا ورتا آهن ته هن کي جواب ۾ ڪهڙو مسئلو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جيڪڏهن ڪرپشن ڪئي آهي، ته پوءِ سزا به ڀوڳڻي پوندي، مغل شهنشاهه جي زندگي گذاريندڙن کي اڄ قانون کي منهن ڏيڻ ۾ مسئلو ڇو پيش اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.