انتهاپسندي قومن لاءِ هاڃيڪار

حميده گهانگهرو

نريندر مودي جي ڪاميابي ۽ هندوستان جي مسلمانن ۾ ڪجهه خوف ۽ هندستان پاڪستان جي تعلقاتن تي ڪجهه سياسي سماجي طور انديشا، خوف ڪر کڻي بيٺا آهن. ماضيءَ جي تاريخ ۽ سياسي ٻوليءَ جي لب لهجي مان اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جتي به انتهاپسندي رهي آهي اتي عوام منتشر رهيو آهي.

اها ڌر جنهن جا حڪمران حمائتي هوندا اهي بلڪل سڪون ۾ هوندا. پر وري جيڪي انتهاپسنديءَ جي خلاف رنگ، نسل، مذهب، ٻوليءَ کي بالا تر تي قومي ليول تي يڪسانيت جي حيثيت ۾ رهندا اتي انهن کي تمام ڳنڀير حالت جو مقابلو ڪرڻو پوندو.برصغير جي تاريخ ۽ سياسي سماجي حيثيت سان ويساهه گهاتي هئڻ ڪري ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻُ پيو آهي. انتهاپسندن جي روين جو شڪار هزارين سالن کان آباد هندوستاني مسلمان مشڪلاتن جو مقابلو پيا ڪرن.

 مسجدن تي حملا خود بابري مسجد جو واقعو ۽ ان جا پوري هندوستان پاڪستان تي جيڪي اثر پيا انهن جي ڪري ڪافي نقصان ٿيا. اديب، دانشور، شاعر آرٽسٽ بلڪل غير جانبدار هوندا آهن. پر انهن کي به ڌمڪيون ملڻ لڳيون. انڊيا جا وڏا آرٽسٽ شاهه رخ خان، عامر خان جن جو ڪڏهن به هندو مذهب کان نفرت جو رويو نه رهيو آهي.

بلڪه ٻنهي جون شريڪ جيان هندو مذهب سان تعلق رکن ٿيون پر انهن کي به ڪجهه غير يقيني واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. انڊيا جو تمام وڏو ۽ چون ٿا پڙهيل لکيل اداڪار اوم پوري ته باقائده چئي ڏنو ته اسان پاڪستان سان تعلقات سٺا رکڻ چاهيون ٿا.

بس زندگيءَ جو ساٿ گهٽ رهيس ۽ هو دل جي دوري ۾ فوت ٿي ويو. اهڙيءَ طرح هتي به ان انتهاپسندي جا اثر پوڻ ڪري بس هڪ ئي نفرت ڀريو جملو ٻڌڻ ۾ ايندو ته هيءَ اسانجا دشمن آهن.

ڳالهه اها آهي ته سڀ کان وڏو دشمن اسانجو پنهنجو پيٽ آهي جيڪو وقت تي ماني نه ملڻ بک ۽ فاقي جي شڪل ۾ موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو.

نه ڪو هٿيار نه ڪو جملو پنهنجي ئي گهر ۾ غربت جي خاموش زهر جو موت ڪيڏو خوفزده آهي. انهيءَ ڪري ٻن ملڪن جي تعلقاتن تي ڪيترا معاشي، سياسي سماجي اثر پون ٿا ۽ لا محالا ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي سان ويجهو ڳانڍاپو اهو آهي ته جيڪي هندوستان کان مهاجر آيا تن جا وڏا ۽ خاندان هندوستان ۾ آهن ۽ جيڪي سنڌ مان سنڌي هندو لڏي ويا اڄ به انهن جي روح جا رشتا ۽ ڌرتيءَ سان محبت جڙيل آهي. توڻي جوکئي هندوستان جي ڌرتيءَ کي اپنائي هنن پنهنجا ڪاروبار ملڪيون جوڙيون آهن هنن جي سچائي ڌرتيءَ سان وابسطه آهي.

 

ڏسجي ته برصغير جي هندو مسلم ڀائيچاري جي ڪري هن خطي کي تمام گهڻي اهميت هئي. هندستان جي زرخيز  زمين، درياءَ، سمنڊ، پهاڙ هر لحاظ کان هن خطي جي مالا مال ۽ شاهوڪار اهميت جو اندازو انگريز سرڪار کي پئجي ويو هو. پهرين واپار سانگي برصغير ۾ داخل ٿيا پوءِ برصغير تي حڪمراني ڪئي. سندن حڪمرانيءَ ۾ ڪافي اصلاح به ٿيا جيئن ريلوي جو نظام ۽ آبپاشي جي نظام ۽ وڏن دريائن تي پلين جو ٺهڻ قابل تعريف آهي. پر اهو سڀ ڪجهه اڄ لاءِ هو ته هنن کي ٻنهي تجارت ۽ واپاري رستن ٺاهڻ ڪري آسانيون پيدا ڪرڻيون هيون. ڀلي جوکئي بظاهر عوام کي به ان مان فائدو هو. پر وري ٻئي پاسي خود برصغير جي ماڻهن ۾ ٻن قومن جي مذهبي مت ڀيد واري نظرئي تي نفرت جو ڄار وڇايو ويو. هندو ۽ مسلمان ٻه وڏيون قومون آهن چئي ويڙهايو ويو. انگريز پنهنجي جارحانه رويي ۽ غلام بنائڻ واري پاليسيءَ کي هتان جي قوم تي گهڻو مسلط نه پئي ڪري سگهيا سندن خلاف بغاوت شروع ٿي وئي هئي. ڀڳت سنگهه جوانيءَ ۾ تخت دار تي چاڙهيو ويو.

سياسي ڏاهن ابوالڪلام آزاد ته چئي ڏنو اڳتي جا آثار نفرتن جو ٻج ٿا پوکين پر مهاتما گانڌي ۽ سنڌ جي شهيد الله بخش سومري به يڪجا ٿي اهو ئي چيو ته اها آزادي اڳتي هلي قومن جي وچ ۾ انتهاپسنديءَ جا ڏار وجهندي. ڪافي سڄاڻ نالي وارا سياسي اديب دانشور هئا جيڪي ان ٽائيم ته متفق نه ٿيا ۽ 1947ع جي آزادي (جنهن کي دراصل برصغير کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ به چئي سگهجي ٿو) کانپوءِ فورن اهو احساس ٿيو ته شايد هو غلطي تي هئا ۽ ان جا آثار اڳتي هلي نفرتن ۾ وڌندا ويا.

 

برصغير جي قوم پهرين هندو ۽ مسلمان ۾ ورهائي وئي پوءِ سنڌي مهاجر، فرقه پرستي، ٻولي ۽ هن وقت تائين به اها خبر نٿي پوي ته آخر ٽماٽر، بصر، آلو مهانگو هئڻ ڪري معيشيت تي ڪيترو اثر پوي ٿو ۽ صرف نفرت تي قومن کي الجهائي ڪهڙي قومي بقا جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو. اڄ جيڪو پورو ماضيءَ جو برصغير خطري ۾ آيل آهي ان جا واضح سبب اهي ئي آهن.

جتي وڏيون قومون رهن ۽ مختلف مذهب جا ماڻهو ته ڪا به قومپرستي انتهاپسندي جو ٻيو روپ آهي. اها قومپرستي ڌرتيءَ جي حفاظت ۽ اصل وارثن کي نظرانداز نه ڪري بلڪه جيڪي ڌاري آبادڪاري کي به ضم ڪري ۽ ڌرتيءَ تي وار ٿي ڪري ته اها چاهي ڪهڙي به ٻولي ۽ مذهب هجي خراب ناهي؟ پر ٻن مذهبن ٻن ٻولين جي تضاد تي ويڙهائڻ قومي مفاد ۾ نٿو ٿي سگهي.

انهيءَ ڪري انگريز سامراجيت جو نفرت وارو پوکيل ٻج جنهن جا اثرات 1951ع ۾ بي جي ايس قائم ڪيا ۽ اڳتي هلي 1980ع ۾ بي جي پي ۾ ضم ڪري اهو چيو ويو ته سڄي ڀارت ۾ ُتم قوم صرف هندو آهي ۽ ٻئي ڪنهن به نسل يا مذهب جي ماڻهن جو حق ٻئي درجي جو ليکيو ويندو. بلڪه اهو به طئه ٿيو ته مسلمانن جا ماڳ مڪان ڊاهي ۽ مسلم نالن جي شهرن کي به ٻيو نالو ڏجي انهيءَ ڪري جڏهن جڏهن ماڻهن ۾ انتهاپسندي وڌي نفرت جي شڪل اختيار ڪئي ته مودي سرڪار انهن جو ساٿ ڏنو. هزارين مسلمانن خاص ڪري گجرات مان لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ ساڄي ڌر هندو نيشنلزم واري نظرئي تحت مودي هيرو بڻجي ويو. مذهبي طور هندن کي اهميت ڏيڻ ڪري مودي ٻيو دفعو اليڪشن کٽڻ ڪري هيرو بڻجي ويو.

سمجهڻ کپي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتي به ڪافي شهرن جا نالا ٻيا رکيا ويا توڻي جو کڻي اتي اڄ به هندن جي اڪثريت آهي. جيئن ٿر ۾ سلام ڪوٽ مان اسلام ڪوٽ وغيره ڪنهن به نالي مٽائڻ يا صرف قوم پرستي تي قومون ڪامياب ناهن ٿينديون. ها جيڪڏهن قومپرستيءَ کي به لبرل انداز سان تسليم ڪيو وڃي ته نفرت جا رجحان گهٽ ٿيندا.

اڄ مودي جو ڪامياب ٿيڻ ته پنهنجي ملڪ لاءِ فائديمند آهي. پر اتان جي سڄاڻ ڌرين ۽ جيڪي پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلقات رکڻ جا قائل آهن انهن لاءِ ڀرپور سوال آهي. ڏسڻو اهو پوندو ته ٻنهي ملڪن جي رهنمائن کي ڪهڙي بهتر پاليسي ڏيڻ گھرجي جنهن سان معاشي بحران ۽ نفرتن جي باهه ختم ٿي سگهي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.