رپورٽ: ڪوٽڙي: وڪيلن طرفان ٽول پلازا تي سيشن جج سان بدتميزي خلاف مظاهرو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪوٽڙي: وڪيلن طرفان ٽول پلازا تي سيشن جج سان بدتميزي خلاف مظاهرو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪوٽڙي: وڪيلن طرفان ٽول پلازا تي سيشن جج سان بدتميزي خلاف مظاهرو

 

 

ڪوٽڙي ۾ وڪيلن طرفان ٽول پلازا تي سيشن جج سان بدتميزي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڄامشورو بار ايسوسيئشن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري آغا ڪوثر حسين ,نثار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڄامشورو ٽول پلازه جي عملدارن سيشن جج طرفان سڃاڻپ ڪرائڻ باوجود ساڻس بدتميزي ڪري بدمعاشي جو ثبوت ڏنو آھي.

هنن چيو ته ٽول عملي پوليس اهلڪارن کي به يرغمال بڻائي مٿن تشدد ڪيو ويو پر افسوس ته اڃا تائين کين گرفتار ناهي ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته ٽول عملي خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.