پيمرا کي نوان لائسنس جاري ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي نوان لائسنس جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ 30 مئي تائين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت لائسنس جاري ڪرڻ جي حوالي سان پيمرا جو حتمي فيصلو عدالتي حڪم سان سلهاڙي ڇڏيو آهي.

پيمرا طرفان نوان ٽي وي لائسنس جاري ڪرڻ جي خلاف پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ڪئي.

عدالت ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي دليل طلب ڪري ورتا.

پيمرا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) کي پيمرا جي سامهون ٻڌڻي هيٺ درخواستن جو فيصلو 3 مئي ڪري ڇڏيو.

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته پيمر ا ڇو پهرين چنلن کي ريگوليٽ ڪرڻ بدران وڌيڪ لائسنس جاري ڪرڻ چاهي ٿي؟

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪجهه روزاني چينلن تي ٿي رهيو آهي ڇا پيمرا پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي؟ هي هڪ نهايت اهم معاملو آهي عدالت مختلف ڏکن کان ڏسي سگهي ٿي.

پيمرا جي وڪيل چيو ته 181 ٻولي ۾ حصو ورتو 58 کي 52 بلين رپين جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن. عدالتي منع نامي جي ڪري 42 ڪمپنيون شروعاتي 15 سيڪڙو رقم ادا ڪرڻ کان پاسيريون آهن.

چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته پيمرا جي اهڙي بندوبست سان انفارميشن جي حوالي سان بنيادي انساني حقن متاثر ته ناهن ٿي رهيا؟

پي بي اي جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته پيمرا جو ٻيو ڪو به مقصد ناهي رڳو پيسن جي لاءِ هي سڀ ٿي رهيو آهي.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.