ائين نه ٿئي حڪومت کي عوام کان اين آر او وٺڻو پئجي وڃي؟

زلف پيرزادو

اٽڪل 9 مهينن کان حڪومت جو نعرو روز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته “اين آر او” ڪنهن کي به نه ملندو. ان کان اڳ روز نعرو ٻڌڻو پوندو هو ته ووٽ کي عزت ڏيو، وقت سان گڏ هي نعرو ته آخرڪار دٻجي ويو، ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ڇو ته حڪومت ته اڃا تائين وڏي واڪ نعرو هڻي رهي آهي ته ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو؟ ته پوءِ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ وارو نعرو ڇو اين آر او نه ملندو جي نعري هيٺ دٻجي ويو؟ ان کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين شهباز شريف اوچتو انتهائي خاموشيءَ سان لنڊن کسڪي ويو نه صرف اهو پر پي اي سي جي چيئرمين شپ تان به استعيفا ڏئي ڇڏي.

چوڻ وارا چون ٿا ته ڏسندي ئي ڏسندي نوازشريف به علاج بهاني لنڊن کسڪي ويندو. اهڙي طرح شريف خاندان جا ٻيا ڀاتي به پرڏيهه کسڪي ويندا سياسي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه اين آر او تحت ٿيو آهي، پر وزيراعظم عمران خان اڃا تائين روز نعرو هڻي رهيو آهي ته اين آر او ڪنهن کي به نه ملندو.

هڪ طرف اين آر او ڪنهن کي نه ملندو ٻئي طرف شريف خاندان جو خاموش ٿي وڃڻ ۽ شهباز شريف جهڙي اهم شخصيت جو نه صرف لنڊن کسڪي وڃڻ پر پي اي سي چيئرمين شپ تان استعيفا ڏئي ڇڏڻ واري فيصلي عام طور تي اين آر او ڪنهن کي به نه ملندو واري نعري بابت انيڪ سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

 

چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ويجهي مستقبل ۾ عوام کي اڃا گهڻو ڪجهه غير معمولي ماحول ڏسڻ لاءِ ملندو ۽ صورتحال ڪافي واضح ٿي ويندي. سچ ته اهو به آهي ته دنيا ۾ پاڪستان لاءِ مشهور آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جنهن بابت ڪنهن کي اڳواٽ خبر پئي اهو ضروري نه ٿو آهي.

 

رهيو سوال ته شهباز شريف هاڻ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ واري عهدي تان به استعيفا ڏيندو يا نه؟ ڇو ته کيس مخالف ڌر اڳواڻ وارو عهدو ڇڏڻو پوندو يا ٻي صورت ۾ کيس ملڪ اچي اڳواڻي ڪرڻي پوندي. مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي. شهباز شريف ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو ان کان پوءِ صورتحال بلڪل چٽي ٿي ويندي.

سياسي طور نظر اهو ٿو اچي ته حڪومت جي 9 مهينن جي ڪارڪردگيءَ مان عوام مايوس ٿيو آهي نتيجي طور پي ٽي آءِ جي مقبوليت ۾ عوامي سطح تي گهٽتائي اچي رهي آهي. وڏو سبب چونڊن ۾ ڪيل واعدن ۽ اعلانن تي عمل نه ٿيڻ ۽ مهانگائيءَ جون آسمان سان ڳالهيون عوامي سطح تي مايوسيءَ جو وڏو ڪارڻ آهن. ان ڪري ئي سوشل ميڊيا تي اهو نعرو هلي رهيو آهي ته هن نئين پاڪستان کان ته اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو.

 

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت ڪمزور ٿي آهي ۽ عوامي سطح تي ساک ڪيرائي رهي آهي. تازو 3 مئي 2019ع تي وري تيل اگهن ۾ واڌ ويتر حڪومت جي ساک کي متاثر ڪيو آهي. اڃا ته ڄاڻ رمضان شريف جو مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي. جنهن ۾ مهانگائيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويندا.

وفاقي ڪابينا ۾ به چونڊيل نمائندن کي هٽائي اڻ چونڊيل ماڻهن کي شامل ڪرڻ سان پي ٽي آءِ حڪومت کي سياسي طور شديد تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ان ڪري عوام کي نه اين آر او سان ڪا دلچسپي آهي نه چهرن جي تبديلي عوام جو مسئلو آهي عوام جو هاڻ صرف مهانگائي وڏو مسئلو آهي جيڪا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ايئن نه ٿئي ته حڪومت ڪنهن کي اين آر او ڏئي نه ڏئي سرڪار کي پاڻ کي نه عوام کان اين آر او وٺڻو پئجي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.