رپورٽ: ڪورنگي: پورهيتن جو ڪمپبي مان بي دخل ڪرڻ ۽ حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج

ڪورنگي مل ايريا ۾ پورهيتن پاران  ڪمپني مان بيدخل ٿيل مزدورن ۽ سندن بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پورهيتن، بابر ابڙي ، عباس رند، ھاشم راڄپر ، سجاد ڪلمتي ، شبير ڪلمتي ، يوسف ۽ بين جي اڳواڻي ۾ اسٽينڊرڊ بورڊ پرائيوٽ لميٽڊ ڪمپني آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن  عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته هو ڪمپني ۾ چوڏهن سالن کان ڪم ڪن پيا ۽ ڪمپني ۾ 450 مزدور ڪم ڪن ٿا جن کي رڳو  8 ھزار پگهار  ڏني وڃي ٿي.

هنن چيو تھ  ڪيترائي مزدور ڪيمڪل سبب  بيماري ۾  ورتل آھن پر سندن هن مھل تائين ڪو به علاج ناهي ڪرايو ويو.

سندن چوڻ هو تھ سوشل سيڪورٽي ۾ سڀني ملازمن جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي ،جڏهن تھ لائف انشورنس ، سالانه بونس سميت سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.