مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف طرفان پئٽرول جي اگهن ۾ اضافي تي تنقيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف رمضان المبارڪ کان اڳ پئٽرول جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي تي تنقيد ڪئي آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ شهباز شريف پئٽرول جي اگهن ۾ اضافي تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت طرفان پاڪستاني عوام کي 9 رپيه 11 پئسا پئٽرول جي قيمت ۾ اضافي سان رمضان مبارڪ هجي.  هن چيو ته رمضان المبارڪ کان اڳ پئٽرول جي شين جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو ظلم ۽ بي حسيءَ جي انتها آهي. شهباز شريف چيو ته  حڪومت پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو بار عوام تي وجهي رهي آهي،  حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي سبب غريبن جو گهر، واپارين جو ڪاروبار ۽ ملڪي نظام منجمد ٿي ويو آهي.  هن چيو ته 450 ارب جي بجيٽ خساري ۽ ۽ روينيو شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، جڏهن ته سبسڊي کسيندڙ هاڻي رمضان المبارڪ جو روزو به کسڻ چاهين ٿا، رياست مدينا ٺاهيندڙن رمضان المبارڪ جو به خيال نه ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.