پشاور ۾ مڙس زال کي رقص نه ڪرڻ تي قتل ڪري ڇڏيو

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) بشيرآباد ۾ افسوس جوڳو واقعو پيش آيو آهي جتي مڙس زال کي رقص نه ڪرڻ تي قتل ڪري ڇڏيو.

پشاور جي علائقي بشيرآباد ۾ مڙس رقص نه ڪرڻ تي پنهنجي زال ۽ مشهور ڊانسر نيلم کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اي ايس پي فقير آباد چيو آهي ته گذريل رات فقيرآباد جي حد ۾ مشهور ڊانسر ثناءَ عرف نيلم کي سندس مڙس فائرنگ ڪري قتل ڪيو، مقتولا جا ٽئي ٻار هئا، پوليس جي فرياد تي سندس جي مڙس عبدالروف خلاف ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي.

اي ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مقتولا ڪالهه رات مڙس سان جهيڙي کانپوءِ رسي وڃي رهي هئي ته مڙس سندس کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جي عمر 35 ورهيه ٻڌائي پئي وڃي، واقعو جا تفصيل مقتولا جي ٻارن پوليس کي ٻڌايا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا جو مڙس سندس کي ڊانس پارٽين ۾ رقص ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.