پوليس جي فيصل آباد ۾ ڪارروائي، چيني گروپ گرفتار

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي ڇوڪرين سان شادي جو ڊرامو رچائي چين اسمگل ڪندڙ گينگ کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊائريڪٽر ايف آءِ يا رستم چوهاڻ موجب فيصل آباد جي خانگي هوٽل ۾ شادي تقريب تي ڇاپو هنيو، ان دوران مسيحي ڇوڪرين کي چين اسمگل ڪندڙ گروپ جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

رستم خان جو چوڻ آهي ته جوابدارن ۾ چيني گهوٽ چنگ، چيني عورت ڪينڊس، مقامي ايجنٽ ڪاشف ۽ پادري زاهد شامل آهن جڏهن ته گينگ جو سربراهه انس فرار ٿي ويو.

ڊائريڪٽر ايف آءِ اي موجب جوابدارن جي خلاف ڪيترين ئي پاڪستاني مسيحي ۽ مسلمان ڇوڪرين کي شادي ڪري چين اسمگل ڪرڻ وارن اطلاعن تي ڪارروائي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.