رپورٽ:ڪراچي ۾ واپاري کي پرچي ملي وئي …!!!

*ڪراچي  ۾  رمضان کان اڳ ئي واپارين ۽ دڪاندارن کي ڀتي جون پرچيون ملڻ شروع ٿي ويون.

ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار دڪاندار کي 15 لک رپيا ڀتو ڏيڻ جي پرچي ڏئي ويا.

 دڪان ۾ لڳل سي سي ڪئيمرا مان فوٽيج ڪڍي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

، سي سي ٽي وي ڪئميرا مان ورتل فوٽيج مان ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ دڪاندار کي جوابدار ڀتي جي پرچي ڏئي رهيو آهي، واقعي جو سولجر بازار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

، ڀتي خوري ۽ دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن، دڪاندار ڄاڻايو آهي موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن دڪان تي اچي 15 لک رپيا ڀتو گهريو، هنن چيو ته پرچي ۾ موبائل نمبر آهن جنهن ۾ گينگ وار جميل ڇانگا سان رابطو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، جڏهن ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ جان کان مارڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني وئي آهي، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي………………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.