رپورٽ:ڏهرڪي: هاڻي تقريرن جو نه پر احتساب جو وقت آهي: اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءَ ناهي، بدعنواني سبب سڄي سنڌ کنڊرن جو ڏيک ڏئي پئي، حڪومت مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين جو فقط نوٽيس وٺي ٿي پر انصاف ڏيارڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال آهي.

ڏهرڪي ۾ جلسي کي خطاب کي خطاب اياز لطيف پليجي چيو ته گهوٽڪي سنڌ جو وسيلن سان مالا مال ضلعي هئڻ باوجود بنيادي سهولتن کان محروم آهي.

سندس چوڻ هو ته سازش هيٺ هندو نياڻين جو جبري مذمت مٽائي سنڌ جي تصوف واري ساک کي نقصان پهچايو پيو وڃي.

قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ فصلن جو اگهه مناسب نه ڏئي آبادگارن جو استحصال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري خوشحال آبادگار بدحال زندگي گذارين پيا.

اياز لطيف پليجي چيو ته هاڻي وقت احتساب جو آهي، رڳو تقريرون ڪري ماڻهن کي ماٺ نٿو ڪرائي سگهجي، سکر کي انڊسٽريل زون بڻائي يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن.

هن چيو ته غلط حڪمراني سبب الهرکيو لنڊ جهڙا واقعا پيش اچن پيا، جڏهن ته ام رباب انصاف لاءِ گهٽي گهٽي ۾ دانهين  پئي پر ڪير به سندس دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

ان موقعي تي ديبا سحر چيو ته سنڌ جي عوام کي نعرن جي سحر ۾ مبتلا رکڻ بدران سندن مسئلا حل ڪيا وڃن.

ام رباب چيو ته سندس ڪٽنب جي فردن کي قتل ڪندڙن کي بچائي سرداري نظام کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف سنڌ جي هر ماڻهو کي اُٿي کڙو ٿيڻو پوندو………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.