*داد لغاري ۾ ٻه ڏينهن اڳ مسڪين الھرکيو لنڊ تي پي ٽي آء اڳواڻ افتخار لنڊ پاران ڪيل بيرحماڻي تشدد خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاج ڪيو ويو .
ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ڄام معشوق سميجو ,ڪامريڊ شاھنواز پتافي,اياز احمد پتافي,۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پورهيت تي پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران اهڙو ظلم انسان ذات جي تذليل آهي .
هنن چيو ته اها آهي عمران خان جي تبديلي جنهن جو هو راڳ ڪيترن ئي ورهين کان ڳائي رهيو آهي.
هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ………………..
***********