رپورٽ:لاکاروڊ: علم پرائڻ جي ڏهاڙن ۾ معصوم ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور..!!

*سموري سنڌ جيان لاکا روڊ ۾ علم پرائڻ جي ڏهاڙن ۾ معصوم ٻار پورهيو ڪندي نظر اچن ٿا.

 لاکاروڊ اسٽيشن لڳ دڪا نالي سان هزاري مڻ بوھ گڏ ڪيو ويندو آهي جنهن کي برساتن کان بچائڻ لاءّ مٽي جو ليپو ڪيو ويندو آهي اهو سڄو ڪم معصوم ٻارن کان ڪرايو ويندو آهي.

 معصوم ٻارن کي جانورجيان ڪم ۾ وهيو ويندو آهي اتي ڪم ڪندڙ ٻارڙن عمرجي حد 8کان 14ورهيه  ٿيندي جن کان 8 ڪلاڪ سخت قسم جي مزدوري ڪرائي وڃي ٿي

گرمي جي 50 سينٽي گريڊ ۾ هو ٽاڪ منجهند جو ڪم ڪندا رهن  جنهن ڪري جهولو  لڳڻ سبب هو بيمار ٿي پون ٿا .

ٻارن کي مزدوري دوران ٻي سهولت ڏيڻ ته ٺهيو پر کين پيئڻ جو ٿڌو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي  سخت پورهئو,ڪندڙ معصوم ٻارڙن کي اجرت تمام ٿوري ملي رهي آهي رڳو  200 رپيا ڏهاڙي ڏني وڃي ٿي جيڪا  ته سندن ٻن ويلن جي ماني کائڻ جيتري به رقم ناهي………

*********

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.