رمشا وساڻ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار

خيرپور(ڊر) خيرپور پوليس  13 ورهين جي رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ وڌڪ هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڪنب جي رمشا وساڻ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو،  پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري گهربل جوابدار هدايت وساڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل جوابدار وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته شاگردياڻي رمشا وساڻ قتل ڪيس ۾ ٽي جوابدار ذوالفقار وساڻ، غفار، وساڻ ۽ صابر وساڻ اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل آهن. پوليس مطابق گرفتار ٿيل چوٿين جوابدار کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جوابدار وٽان  اهم  انڪشاف ٿيڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي.6

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.