ڏهرڪي ويجهو چئن ڳوٺاڻن جي گهرن کي چلهه مان باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.
ڳوٺ مٺو ڀٽو ۾ چلهه جي چڻنگ مان قطب دين، لطف دين، بشير احمد ڪوڙي، علينواز ۽ منير ڀٽي جا گهر سڙي رک ٿي ويا.
باهه لڳڻ سبب پورهيتن جي گهرن ۾ پيل سونا زيور، ڪڻڪ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي ويو.
الهه تلهه سڙڻ سبب متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.
متاثرن طرفان وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي ڪندي چيو آهي ته فائر برگيڊ عملي جي ڪوتاهي سبب الهه تلهه رک ٿيو.