رپورٽ: نوابشاهه: اي سي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ واپارين سان ڪهڙا ٿيا معاملا طئي؟

اسسٽنٽ ڪمشنر سلامت علي ميمڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ضلع انتظاميان پاران هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ڪنهن کي مقرر ڪيل اگهه جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏبي.

ڊي سي آفيس جي دربارھال ۾ رمضان ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت واپاري برداري ايسوسي ايشن ۽ سرڪاري عملدارن جي گڏجاڻي  ڪوٺائي وئي.

گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان ۾ شيون اسٽاڪ ڪرڻ، ريٽ لسٽون نه لڳائڻ، وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف جوڳا قدم کنيا ويندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ضلع انتظاميا ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽي پاران کاڌي پيتي جي شين جي مقرر ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان خلاف رمضان آرڊينيس تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن عوام کي اپيل ڪئي آهي تـه اهي ضلعي انتطاميا جي مقرر ڪيل اگهن تي شيون خريد ڪن جيڪڏهن ڪو به دڪاندار مهانگي اگهه شيون کپائي ته ان بابت فوري طور واسطيدار انتظاميا کي شڪايت ڪئي وڃِي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.