دادو ۾ سنڌ پيپلز هيلٿ پروگرام پاران سنڌ حڪومت ۽ پي اي ايڇ آءِ جي سهڪار سان پنجن ڏينهن وارو تربيتي سيمينار (اُميد سي) جي عنوان هيٺ ڪمنيوٽي مڊوائفري اسڪول ۾ ڪوٺايو ويو.
ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوڇ، ريجنل مئنيجر فيروز احمد ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تربيتي سيمينار ڪرائڻ جو مقصد ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊليوري ڪرائيندڙ عام داين هٿان ڊليوري دوران فوت ٿيندڙ عورتون ۽ ٻارڙن جي موت وارن واقعن جي روڪٿام آهي.
هنن چيو تھ خاص طور تي مڊوائيف کي حمل ۽ ان کان پوءِ ٿيڻ واري نارمل ۽ سنجيده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽريننگ ڏني پئي وڃي،
سندن چوڻ هو تھ تقريبن 184 مڊوائيف کي موبائيل فون ۽ سم نيٽورڪ پئڪج سهولت به ميسر ڪئي آهي جيئن اهي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڳورهارن عورتن کي بروقت ريفر ڪري سگهن ته جيئن مائرن سميت ٻارن جي جان بچائي سگهجي……………
رپورٽ-شاهه محمد لغاري