رپورٽ: ڪراچي: نيٺ سنڌ ۾ ڊينگي جي ڪينسر تي ضابطو ايندو؟؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

ڊينگي کان روڪ ٿام بابت پروگرام جي اختيارين چيو آهي ته سنڌ ۾ ڊينگي جي ڪينسر تي گهڻي ڀاڳي ضابطو آندو ويو آهي.

صحت کاتي جي عملدار ڊاڪٽر عبدالرشيد پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڊينگي پکڙجڻ جو خطرو سيٽمبر کان جنوري تائين هوندو آهي.

هن چيو ته هلندڙ سال ڊينگي جا 395 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، پروگرام جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

ڊاڪٽر عبدالرشيد چيو ته ڊينگي بخار جي علامت مٿي ۾ ســُــور، چيلهه، جسم ۽ سنڌن ۾ سور، جسم تي داغ ۽ الٽيون اچڻ شامل آهي، پاڻي محفوظ ڪرڻ وارين شين کي ڍڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.