اسلام آباد ٽول پلازا ڀرسان خوفناڪ حادثو، ڪيترائي فوت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ٽول پلازا ڀرسان روڊ حادثي ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اسلام آباد ڀرسان هڪ گاڏي خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٽويوٽا هاءِ ايس ون کي حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، گاڏي ٽول پلازا ڀرسان ڀت سان ٽڪرجي پئي ۽ ان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي جو شڪار گاڏي سرگوڌي کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ۽ تيز رفتاري سبب ٽول پلازا وٽ ڀت سان ٽڪرائجي وئي، گاڏي ۾ باهه لڳي وئي ۽ ان ۾ موجود ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.

زخمين کي پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جسم جو وڏو حصو سڙي وڃڻ سبب انهن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڊي آءِ جي موٽر ويز اشفاق احمد جو چوڻ آهي گاڏي جهڙي ريت ڀت سان اچي ٽڪرائي، لڳي ٿو ته ڊرائيور سمهي پيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.