رائو انوار کي آخري مهلت…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست تي جوابدارن جي وڪيلن کي دليلن جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي.

جسٽس آفتاب ڳورڙ ۽ جسٽس امجد علي سهتي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جي روبرو نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، مقتول جو پيءُ ۽ جرڳي جا اڳواڻ عدالت پهتا، جڏهن ته رائو انوار پيش نه ٿيو، عامر منسوب موقف اختيار ڪيو ته جوابدار رائو انوار پيش نه ٿي سگهيو، مهلت ڏني وڃي.

فريادي جي وڪيل موقف ڏنو ته جوابدارن طرفان شاهدن کي ڌمڪايو پيو وڃي، سندن حياتيءَ کي خطرو آهي، رائو انوار ۽ ٻين جون ضمانتون رد ڪري کين جيل موڪليو وڃي.

عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي آخري مهلت ڏيندي 14 مئي تي هر صورت ۾ دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.