ڏهرڪي ۾ بيواهه عورت پاران ڏيرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ڳوٺ بهادر شر جي رهواسي مسمات صاحبه شر پنهنجي پٽ اشتياق شر سان گڏجي پريس ڪلب پهچي بااثر ڏيرن خلاف دانهيو.
متاثر عورت دانهيندي چيو ته سندس مڙس ڪٽو شر جي نالي 16 ايڪڙ کاتي واري زرعي زمين آهي، جنهن تي ڏيرن علي ، ارباب ۽ غلام شر زوري قبضو ڪري ناانصصافي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڏيرن جي ظلم خلاف يارو لنڊ ٿاڻي جي پوليس کي دانهن ڏني آهي پر پوليس ڏيرن کان رشوت وٺي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪندي چيو ته ڏيرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي……………….