پشاور (م ڊ ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي ڀاءُ کي ڪي پي ڪابينا ۾ وزير طور شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت ۾ عهدا وٺندڙ عزيزن کي وزارتون ۽ اهم سرڪاري عهدا نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر تحريڪ انصاف پنهنجي اعلان کان پوئتي هٽي وئي آهي. پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت اڳوڻي ڪي پي جي وڏي وزير ۽ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي ڀاءُ لياقت خٽڪ کي صوبائي وزير بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. لياقت خٽڪ اڄ صوبائي وزير جي حيثيت ۾ قسم کڻندو، قسم کڻڻ جي تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيندي.