وينا ملڪ ڀارت کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ ڀارت کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن سريلنڪا ۾ ايسٽر ڌماڪن ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ واري خبر ميڊيا ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو.

ڀارتي اخبار دي هندو جي هڪ رپورٽ موجب سريلنڪن ملٽري اختيارين چيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪن جي ماسٽر مائينڊ زاهران هاشمي ڀارت ۾ تربيت حاصل ڪئي ۽ گهڻو وقت ڏکڻ ڀارت ۾ گذاريو.

ان رپورٽ جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ  پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڀارت کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.