بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ چيني نائب صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم عمران خان چيني نائب صدر وانگ ڪيشن سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ به ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته فيصل واوڊا، رزاق دائود، عمر ايوب، خسرو بختيار ۽ ملڪ امين اسلم به وزيراعظم جي وفد جو حصو هئا.
چيني نائب صدر واري واري سان پاڪستاني وفد ۾ شامل ميمبرن سان مخاطب ٿيو، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم عمران خان خطي جي ترقي لاءِ چين جي تازن قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۽ سي پيڪ منصوبي کي خطي جي ترقي لاءِ گيم چينجر قرار ڏنو.
چيني نائب صدر وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني وفد لاءِ ڊنر جو اهتمام پڻ ڪيو، جيڪو چين جي صدر شي جن پنگ طرفان ڏنو ويو.